پائيءَ وارو ڀڙو

پائيءَ وارو ڀڙو: هي ڀڙو فيض گنج تعلقي ۽ ناري تعلقي جي وچ تي آهي. ھي دڙو ھاڪڙي جي ڪا ڦٽل بستي هئي. مٿاڇري تي ڦھليل ٺڪراٺو، چوڙين جا ڀڳل ٽڪرا، دلن ۽ مٽن جون ڳچيون، ٺڪر جا رانديڪا ملن ٿا. ھن دڙي تي پوئين دور ۾ ميرصاحب کڏڻا ٺاھي شڪار ڪندا ھئا. ھن دڙي تي برسات ۾ پاڻي بيٺل هوندو آهي ۽ پاڻي سڪڻ کان پوءِ ڪافي وٿون ملنديون آھن. ھي ماڳ اڌ ميل کن ايراضيءَ ۾ ڦھليل آھي ۽ ان جي کوٽائي ڪانه ٿي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو